سومرو علي اڪبر

سومرو علي اڪبر

علي اڪبر سومرو

سومرو، علي اڪبر: سنڌ جو نامور مصور علي اڪبر ولد محمد موسيٰ سومرو، 17 جنوري 1935ع تي سکر شهر ۾ ڄائو، جڏهن ته سندس اباڻو ڳوٺ باگڙجي، ضلعو شڪارپور هو. هن سنڌي ورنيڪيولر فائنل جو امتحان 1950ع ۾ پرائمري اسڪول باگڙجيءَ ۾ ڏنو. علي اڪبر سومري بي. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي، ان کان سواءِ اليمينٽري ۽ انٽر ڊرائنگ گريڊ امتحان، آرٽ ٽيچر امتحان ۽ آرٽ ماسٽرس جا امتحان پڻ پاس ڪيا. هن 1977ع ۾ سينگاپور مان ٽيڪسٽ بوڪ ڊزائيننگ، ڪلر سيپريشن ۽ پرنٽنگ جي سکيا ورتي. هن وزارت تعليم طرفان منعقد ٿيل ڪيترن ئي ورڪشاپن ۾ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان حصو ورتو، جن ۾ هن لي آئوٽ ٽيڪسٽ بوڪ ڊزائينگ، السٽريشن، ٽائٽل ڊزائيننگ، فلم ڪلر سيپريشن ۽ پرنٽنگ وغيره جا ڪم سکيا.
علي اڪبر سومرو، ننڍيءَ عمر ۾ جڏهن ٽيون ڪلاس پڙهندو هو ته هن گلاس پينٽنگ جو ڪم شروع ڪيو ۽ ان جي آمدنيءَ مان گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر ۾مئٽرڪ تائين تعليم جاري رکي.
علي اڪبر سومري، 1954ع ۾ پي. ڊبليو. ڊي گڊو بئراج سکر ۾ ٽريسر (Tracer) طور ملازمت جي شروعات ڪئي. 1955ع ۾ مئٽرڪ ڏنائين ۽ تعليم کاتي ۾ آرٽ ٽيچر طور ڀرتي ٿيو. هن مختلف هاءِ اسڪولن، ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۽ ٻين هنڌن تي 1954ع تائين ڪم ڪيو. هن هاشمي ڪين ڪمپني لميٽڊ (Hashmi Cane Company Ltd) ۾ آرٽسٽ طور به ڪم ڪيو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر ۾ آرٽ ٽيچر، يونائٽيڊ پيڪيجز لميٽڊ سکر ۾ آرٽسٽ ۽ پرنٽنگ سپروائيز ٿيو، جتان پرنٽنگ پريس ورڪرس يونين جي صدر جي حيثيت ۾ کيس نوڪريءَ مان خارج ڪيو ويو. ترت علي اڪبر سومري سکر ۾ اڪبر ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ نالي هڪ ذاتي ادارو قائم ڪيو. هن ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ به آرٽسٽ ٽيچر طور ملازمت ڪئي.
عـلـي اڪـبر سـومـري ٽيڪسٽ بڪ بـورڊ ڄـام شـوري ۾ 14 جنوري 1972ع کان آرٽسٽ طور ملازمت جي ابتدا ڪئي، جتي هو 23 سالن تائين آرٽسٽ ۽ انچارج پراڊڪشن جي عهدي تي ڪم ڪندو رهيو. جڏهن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پريس قائم ٿي ته پراڊڪشن انچارج ٿيو ۽ ڏهن سالن تائين اُتي آرٽسٽ/ انچارج گارڊن رهيو. ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ئي ٽن سالن تائين پبليڪيشن آفيسر، سبجيڪٽ اسپيشلسٽ آرٽس/ انچارج گارڊن/ انچارج بورڊ پبليڪيشن رهيو. ان کانسواءِ 1987ع تائين انچارج ڊيسڪ ٽاپ پبليڪيشن، پراڊڪشن مئنيجر/ جنرل مئنيجر- ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پريس جي عهدي تي رهيو.
هن 16 جنوري 1995ع تي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ مان رٽائرمينٽ ورتي. رٽائرمينٽ کانپوءِ هن پنهنجي گهر لڳ سٽيزن هائوسنگ سوسائٽي، حيدرآباد ۾ ذاتي آرٽ گئلري قائم ڪري هزارين ناياب تصويرون ٺاهيون. هن پنهنجي پينشن جي پئسن مان هڪ خوبصورت ڊبل ڪرائون، چئن رنگن ۽ پڪي جلد سان ڪتاب تيار ڪري ڇپايو، جنهن جو نالو Illustrated works of Shah Abdul Latif Bhittai رکيائين. هن باتصوير ڪتاب ۾ هن شاهه جي سُرن تي مشتمل رنگين تصويرون ۽ شاهه جي بيتن جو سنڌي ۽ انگريزي ترجمو شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، جون 1996ع ۾ ڇپيو. انگريزي ترجمي جي نظرثاني پروفيسر قلندر شاهه لڪياري ڪئي، جڏهن ته سندس فن جي تعريف ۾ مخلتف شخصيتن جا نوٽ پڻ ڪتاب ۾ شامل آهن، جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي (ڀٽ شاهه: 1961ع)، محترمه بينظير ڀٽو (14 جولاءِ 1994ع)، سينٽرل انسٽيٽيوٽ آف آرٽس ايند ڪرافٽس ڪراچيءَ جي پرنسپل قدسيه نثار (8 مئي 1996ع)، انڊس گئلري ڪراچيءَ جي سربراهه سيد امام (15 مئي 1996ع)، محمد علي صديقي- ڊائريڪٽر قائداعظم اڪيڊمي (15 مئي 1996ع) وغيره جا تاثر شامل آهن. ڪتاب ۾ علي اڪبر سومري جو تعارف مهتاب اڪبر راشديءَ ڪرايو آهي، جڏهن ته شاهه لطيف بابت مختصر نوٽ پروفيسر قلندر شاهه لڪياريءَ جو لکيل آهي.


لفظ علي اڪبر سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.01.17  عيسوي

سنڌ جو نامور مصور علي اڪبر ولد محمد موسيٰ سومرو، 17 جنوري 1935ع تي سکر شهر ۾ ڄائو،


1972.01.14  عيسوي

عـلـي اڪـبر سـومـري ٽيڪسٽ بڪ بـورڊ ڄـام شـوري ۾ 14 جنوري 1972ع کان آرٽسٽ طور ملازمت جي ابتدا ڪئي،


1995.01.16  عيسوي

هن 16 جنوري 1995ع تي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ مان رٽائرمينٽ ورتي.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالسميع دهلوي
علي اڪبر سومرو
سعيد منگي
رشيد علي وارثي
پنجو مل رگهواڻي
چغتائي عبدالرحمان
رافيل
رضوان عمراڻي
سعيد علي وارثي
چنا عمران
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون